اوباما  بارڪ

اوباما بارڪ

اوباما بارڪ

اوباما، بارڪ: آمريڪا جي 44 هين صدر جي حيثيت سان قسم کڻندڙ ڪاري نسل وارو نئون چونڊيل صدر بارڪ حسين اوباما 4 آگسٽ 1961ع تي آمريڪي رياست ’هوائي‘ (Hawaii) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو واسطو ڪينيا سان هو، ٻن سالن جي عمر ۾ سندس والدين ۾ علحدگي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سندس ماءُ ٻي شادي ڪري انڊونيشيا منتقل ٿي وئي، جتي بارڪ اوباما جڪارتا ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. بارڪ اوباما 1996ع ۾ آمريڪي رياست ايلي نائي (Illinois) جو اسيمبلي ميمبر چونڊجي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هو 10 سالن جي عمر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۾ پنهنجي ناناڻي گھر منتقل ٿيو، جتي هن هارورڊ اسڪول مان 1979ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. اعليٰ تعليم لاءِ بارڪ اوباما نيويارڪ منتقل ٿي ويو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان 1983ع ۾ سياست جي دگري حاصل ڪئي. نيويارڪ ۾ 16 سال رهڻ کانپوءِ بارڪ اوباما شڪاگو هليو ويو. جتي هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. بارڪ اوباما ۽ مشل رانسن جي 1979ع ۾، شڪاگو ۾ ملاقات ٿي ۽ ٻنهي 03 نومبر 1992ع ۾ شادي ڪئي. بارڪ حسين اوباما ٻن ڌيئرن 10 ورهين جي حاليا ۽ 07 سالن جي نتاشا جو پيءُ آهي. بارڪ اوباما ٻن ڪتابن جو ليکڪ به آهي. جنوري 2003ع ۾ هو ايلي نائي اسيمبليءَ جي هيلٿ اينڊ هيومن سورسز سوسائٽيءَ جو چيئرمئن چونڊجي آيو. 2004ع ۾ بوسٽن ۾ بارڪ اوباما ڊيموڪريٽڪ جي قومي ڪنوينشن ۾ اهم خطاب ڪيو ۽ بش انتظاميه تي ڇتي تنقيد ڪئي. ان خطاب تي اوباما کي ڀرپور موٽ ملي ۽ هو سڄي آمريڪا ۾ مشهور ٿي ويو. هن آمريڪي سينيٽ جي قانون سازيءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 10 فيبروري 2007ع تي آمريڪا جي صدارتي چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هن اڳ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان نامزدگيءَ لاءِ پنهنجي مخالف هيلري ڪلنٽن کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي مخالفن کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ صدارتي چونڊن ۾ پنهنجي مخالف ريپبلڪن اميدوار جان مڪين کي شڪست ڏئي ۽ آمريڪا جو 44 هون صدر چونڊجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو